نومبر 2006
- تربت جيل تي حملو ٻه محافظ مارجي ويا، ڇهه قيدي فرار
- اسلام آباد ۾ سينئر صحافي قتل، کيس پٿر هڻي قتل ڪيو ويو
- باجوڙ مدرسي جا القائده، گلبدين حڪمت يار ۽ جماعت اسلامي سان واسطا هئا، حڪومتي دعوا
- اسلام آباد ۾ پاڪستاني عورت طرفان جوهانسبرگ موڪليل هيروئن جهلجي پئي، مائي فرار
- اي آر ڊي باجوڙ ايجنسي مدرسي تي فوجي ڪاروائي بابت بحث لاءِ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي
- مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ۽ سندس دوست هڪ حملي ۾ مارجي ويا، ٽي ڄڻا زخمي
- بندشيل تنظيم سپاه صحابه پاڪستان جي ٻن ڄڻن کي موت جي سزا
- بلوچستان نيشنل پارٽي پاران ڇهن هفتن جي احتجاج جو اعلان، ڪوئٽا ۾ 11 ڊسمبر تي جلسو ٿيندو
- اسرائيل سان سنجيده ڳالهيون هلندڙ آهن، حزب الله اڳواڻ شيخ حسن نصرالله
- افغانستان ۾ ٽي طالبان ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا، هڪ گرفتار
- ڪراچي ۾ ٻه وڌيڪ ڊينگو وائرس متاثر فوت، فوتين جو تعداد 30 ٿي ويو
- آسٽريليا نيوزيلينڊ کي هارائي فائنل ۾ پهچي ويو
- پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ مسلمان جهادين ۽ انتهاپسندن کي هٿي ڏئي رهي آهي، آسام پوليس
- بغداد ڌماڪي جي فوتين سميت عراق ۾ مارجي ويلن جو انگ 49 ٿي ويو
- ڏهن سالن جي ٻارڙي ڊينگو وائرس سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت
- بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه پوليس اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا
- انڊونيشيا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 11 ماڻهو فوت، فوتين ۾ عورتون ۽ هڪ ٻار شامل
- برهمداغ بگٽي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، پاڪستاني ايجنسي جي افغانستان حڪومت کان گهر
- ايران طرفان شهاب 3 جو ميزائل تجربو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل
- اتر ڪولمبيا ۾ پوليس اسٽيشن تي کاٻي ڌر جي گوريلن جو حملو، 29 ماڻهو مارجي ويا
- ويسٽ انڊيز آءِ سي سي ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي ويو، گيل جي شاندار سينچري
- باجوڙ واقعي جي اڻ ڌري پارلياماني جاچ ڪرائي وڃي، بي نظير ڀٽو
- جسقم ڪمائي جو ذريعو بڻجي وئي آهي، آريسر بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي، الزام ڪوڙا آهن، بشير قريشي
- نصير کوسو جي گهر تي حملي خلاف احتجاج، حملي ۾ نصير کوسو جو پٽ زخمي
- پونم طرفان سموري سنڌ ۾ ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرا
- سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف 7 نومبر تي احتجاج جو اعلان
- شعيب اختر تي ٻه سال ۽ محمد آصف تي هڪ سال پابندي، ڊوپنگ ٽريبيونل جو فيصلو
- آمريڪا پاڪستاني ايئر پورٽن ۽ بندرگاهن جي نگراني ڪندو، ايڪسپورٽ پروموشن بيورو
- پ پ وڏي وزير ۽ وفاقي وزيرن خلاف نيب ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، قومي خزانو لٽيو ويو، پ پ
- ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿر ايڪسپريس 23 ڊسمبر کان ٻيهر هلائڻ جو امڪان
- صحت جي عالمي اداري پاران ڊينگو وائرس فيور ۾ اينٽي بايوٽڪ استعمال نه ڪرڻ جي صلاح
- ڀارتي دعوا مطابق ميسور مان گرفتار پاڪستاني دهشتگرد خفيه ڪوڊ استعمال ڪندا هئا
- پاڪستان جيڪڏهن آمريڪا جي مدد نه ڪري ها ته آمريڪا عراق جيان هتي به حملو ڪري ها
- باجوڙ ۾ قبائلين پاران آمريڪي جاسوس هجڻ جي الزم هيٺ هڪ شخص قتل
- پاڪستان ۽ ٻين ملڪن مان القائده جا جهادي صوماليه اچي رهيا آهن، صومالين پرڏيهي وزير
- محراب پور ۾ چاليهه ساله عورت سان جنسي زيادتي، 9 ڄڻا گرفتار
- افغانستان ۾ طالبان هٿان ضلعي پوليس آفيسر سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا
- عراق ۾ پنج آمريڪي فوجي مارجي ويا، مارجي ويل آمريڪي فوجن جو تعداد 2822 ٿي ويو
- ورلڊ بينڪ ٺٽي ۽ بدين لاءِ ايڪشن پلان جوڙي ورتو
- پاڪستان تي سندن علائقن کان ٿيندڙ طالبان سرگرميون روڪڻ لاءِ دٻاءَ وڌايو ويندو، نيدرلينڊ
- اسلام آباد ۾ پڪڙيل راڪيٽن پٺيان القائده جي ملوث هجڻ جو شڪ
- ڀارتي ڪشمير ۾ هڪ ويڙهاڪ مارجي ويو، ڀارتي فوجي ذريعا
- بمبئي ٽرين ڌماڪن پويان پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو هٿ هو، ڀارتي دعوا
- بغداد ۾ پوليس کي 36 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن مان 83 لاش مليا
- مذهبي جهادين خلاف ڀارت طرفان غيرمعمولي قدم، پنجاه لک ”واچ ڊاگ“ رکيا ويندا
- صدر مشرف بي نظير ڀٽو تان سمورا ڪيس بند ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، حاڪم علي زرداري
- ڪورٽ ۾ وڪالت دوران نقاب نٿو پهري سگهجي، سينئر جج
- قبائلي علائقي ميران شاه ۾ هڪ همراه آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ قتل
- پاڪستاني بارڊر ڀرسان افغانستان ۾ نيٽو جي بمباري، 12 کن ماڻهو مارجڻ جو شڪ
- سوڊان: هڪ هفتي ۾ 27 ٻارن سميت 63 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، آفريڪي امن فورس
- صدام حسين کي مليل سزا تي بش انتظاميه خوش، ايمنيسٽي انٽرنيشنل ناراض
- پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪيل ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، پ پ
- ڀارتي ڪشمير ۾ ٽن عورتن سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ٻه مذهبي جهادي پڻ شامل آهن
- ڀارتي صوبي آسام ۾ ڌماڪا، 15 ماڻهو مارجي ويا، ڌماڪا گوهاٽي شهر ۾ ٿيا
- رانٽو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيلن جو انگ 15 ٿي ويو، ڪينال جو پاڻي گهٽائي خاص ٽوٻا گهرايا ويا
- جيئي سنڌ قومي محاذ جا اختلاف نه نبري سگهيا، مرڪزي عهديدارن پڻ استعفائون ڏئي ڇڏيون
- آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي آساني سان شڪست ڏئي ڪرڪيٽ ٽرافي فائنل کڻي ورتو
- پاڪستاني ڪشمير ۾ زلزلي جا جهٽڪا، ماڻهن ۾ شديد خوف
- باجوڙ واقعي جي تحقيقات لاءِ سرحد جي وڪيلن پينل جوڙي ورتو
- مسلمان ٻٽي معيار جا شڪار آهن هڪ ئي وقت غالب به ۽ مغلوب به!، سينئر بشپ
- عراقي عدالت صدام حسين لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو
- چئن ڏينهن دوران 46 فلسطيني مارجي چڪا، غزا جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون
- ڀارتي ڪشمير ۾ ويڙهاڪن هٿان هڪ اسپيشل پوليس آفيسر مارجي ويو، هڪ عورت سميت پنج ماڻهو زخمي
- بم ڌماڪن جي جاچ لاءِ پاڪستاني پوليس 70 افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪري ورتو
- افغانستان ۾ هڪ پاڪستاني سميت ڇهه دهشتگرد گرفتار، اتحادي فوجي ذريعا
- راولپنڊي کان جهلم ويندي روڊ حادثي ۾ هڪ برگيڊيئر ۽ سندس زال سميت 7 ڄڻا فوت
- عراق ۾ آمريڪا جا پنج فوجي مارجي ويا، آمريڪي فوجي ذريعا
- ڊينگو وائرس فيور جي مريضن جو تعداد ٽي هزار کان مٿي ٿي ويو
- عورت تحفظ بل بابت ڪوبه وعدو نه ڪيو هو، حافظ حسين احمد خواب ڏٺو هوندو، چوڌري شجاعت
- پاڪستان آمريڪا جي اشارن تي نچي رهيو آهي، ڪشميري اڳواڻ علي شاه گيلاني
- آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ حڪمت عملي بابت ڳالهين جو ٻيو دور شروع، ڳالهيون ٻه ڏينهن جاري رهنديون
- پاڪستان پنهنجي بارڊر کي بند ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پرڏيهي وزير
- ڀارت جو مشهور سنڌي فلمساز اين اين سپي 75 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
- ڏکڻ وزيرستان ۾ سرحد جي گورنر اورڪزئي تي حملو، همراه خطاب ڇڏي پشاور روانو
- ڀارتي شهر ناگپور ۾ چار ڄڻن جي قتل خلاف احتجاج پرتشدد ٿيڻ تي ڪرفيو نافذ
- ڏکڻ افغانستان ۾ قنڌار ڀرسان هڪ نيٽو فوجي مارجي ويو، ٻه ڄڻا زخمي
- عراق جي بصرا واري علائقي ۾ هڪ برٽش فوجي مارجي ويو
- پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ٽيڪس شعبي ۾ رٽائر فوجي مڙهڻ تي سخت مذمت
- ٿائيلينڊ ۾ بم ڌماڪو ٻه ماڻهو مارجي ويا، ٽي ڄڻا زخمي
- آمريڪا ۾ وچ مدي واريون چونڊون، سمورين رياستن ۾ ووٽنگ لاءِ انتظام مڪمل
- اتر جپان ۾ طوفان سبب 9 ماڻهو فوت، ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع
- جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ عبدالواحد آريسر پنهنجي استعفا واپس وٺي ڇڏي
- ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنسي ڏاڍائي جو ٻيو واقعو ظاهر، زوري حمل ضايع ڪرايو ويو
- ايران ڇهه ڏوهارين کي زاهدان ۾ سرعام موت جي سزا ڏيندو، ڏوهارين تي پرڏيهي سياح قتل ڪرڻ جو الزام
- ڊائرن براٽ پاڪستاني ڪشمير مان دهشتگردي جي سکيا ورتي، پراسيڪيوٽر لاسن
- نيپال ۾ باغين طرفان ويڙهه ختم ڪرڻ جو اعلان، ڏه ساله ويڙهه جو خاتمو
- سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ ويڙه سبب ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل
- ڀارتي ڪشمير ۾ پاڪستان حامي اهم حزب الله ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا
- آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ايوان نمائندگان جي سيٽن ۾ ڊيموڪريٽس کي سرسي
- آمريڪي فوج پاران 14 دهشتگرد مارڻ ۽ 48 گرفتار ڪرڻ جي دعوا، اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي ڇڏايو ويو
- آمريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن بعد رمز فيلڊ جي استعفا، رابرٽ گيٽس وزير دفاع ٿيندو
- غزه جي علائقي بيت حنون ۾ اسرائيلي فوج هٿان 18 فلسطيني مارجي ويا، 40 زخمي
- سريلنڪن فوج تامل باغين جي ڪيمپ تي حملو ڪري 45 ماڻهو ماري ڇڏيا
- ڀارت جي مُک شهرن تي القائده وٽان حملا ٿي سگهن ٿا، آمريڪي ايمبيسي
- ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ فيري سروس جلد شروع ٿيڻ جو امڪان، لائسنس جاري ٿي چڪا
- هڪ خودڪش بم حملي ۾ 42 پاڪستاني فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
- پاڪستان نوجوان ڪشميرين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، افضل گُرو
- جمهوري وطن پارٽي جي عهديدارن استعفائون واپس وٺي ڇڏيون
- طالبان درگئي حملي جي ذميواري قبولي ورتي، اهو محض شوشو آهي، حڪومت
- پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ صاف پاڻيءَ کان 15 سيڪڙو وڌيڪ خرچ فوجي اوزارن تي پيا ڪن، ڪيون واٽڪن
- افغانستان ۾ جهادي ڪاروائين بعد پاڪستان اسان جي لاءِ محفوظ هنڌ آهي، طالبان
- طالبان جي حملن ۾ تيزيءَ تي آمريڪا کي حيراني، طالبان لاءِ پاڪستان پناه گاه آهي، آمريڪا
- تيرهن مهينن بعد جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن جي گرفتاري ظاهر
- آمريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس سينيٽ ۾ به ملهه ماري وئي
- ڊينگو وائرس فيور جي فوتين جو انگ 35 ٿي ويو، 3530 مريضن تي ڊينگو وائرس جو شڪ
- افغانستان ۾ تازين جهڙپن دوران 34 طالبان سميت ٽي پوليس اهلڪار مارجي ويا
- ڪارڪن احتجاج ختم ڪن جيئن جيئمسٽ ڪائونسل اڻ ڌريو فيصلو ڪري سگهي، بشير قريشي
- ماهيگيرن جي اتحاد طرفان ٻيٽن جي وڪري خلاف اثرائتي تحريڪ هلائڻ جو اعلان، 12 نومبر تي هزارين ماهيگير گڏبا
- پاڪستان جي قبائلي علائقي ۾ بم ڌماڪو، 9 قبائلي مارجي ويا
- سکر جي چوڌري حسن علي جي حويلي تي ڇاپو، هاريءَ جو خاندان بازياب ڪرايو ويو
- افغانستان ۾ پاڪستاني بارڊر ڀرسان 18 طالبان نيٽو فوج هٿان مارجي ويا
- عراق ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا، هن وقت تائين 2842 آمريڪي فوجي مارجي چڪا
- پاڪستاني ڪشمير ۾ پنج ڇوڪريون بم سان کيڏندي بم ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويون
- ڀارتي ڪشمير ۾ هڪ مسجد ڀرسان گرنيڊ فائر، 5 ماڻهو مارجي ويا
- اٽلي ۾ القائده جي مدد جي ڏوه ۾ پنج پاڪستاني سوگها، وٽائن 20 لک يورو هٿ آيا
- بغداد ڌماڪن ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن جو تعداد ڏيڍ لک ٿي ويو
- سريلنڪن نيوي ڇهه تامل ٽائيگرز کي ماري ڇڏيو آهي، نيوي ترجمان
- خون جي بدلي 3 سالن جي ٻارڙي فريادي ڌر حوالي، جرڳي جو فيصلو پ پ جي قمبر لغاري ڪيو
- حڪومت سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي مڙهي ڇڏي، ڪابه وارننگ نه ڏني وئي، ڪريم راڄپر
- پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس جي ڳوٺ صفر خاصخيلي تي چڙهائي، عورتن کي گهيلي ڳوٺ خالي ڪرايو ويو
- فلسطيني وزيراعظم اولهه طرفان بند ڪيل امداد بحال ڪرائڻ لاءِ استعفا تي راضي ٿي ويو
- ايران ايٽمي پروگرام جاري رکيو ته حملو اسان لاءِ آخري چونڊ هوندو، اسرائيل
- صدر مشرف غير مهذب اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪرڻ جو خواهشمند نه آهي، شيرافگن
- ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگرد سرگرمين جا پيرا پاڪستان ڏانهن وڃن ٿا، آمريڪا
- برطانيه جي خفيه اداري ايم 5 حقيقت تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي آهي، انگلينڊ وزيراعظم ٽوني بليئر
- پيٽارو ڪاليج انتظاميه طرفان ڳوٺ صفر خاصخيلي تي غيرقانوني قبضي جي جاچ ڪرائي وڃي، پ پ پ
- ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرست سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم پاران سکر ۾ مظاهرو
- روزانه هلچل پاران صفر خاصخيلي ڳوٺ تي پوليس ۽ پيٽارو ڪاليج انتظاميه جي چڙهائي نادري ڪاروائي قرار
- حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ فوج کي واپس بيرڪن ڏانهن وڃڻو پوندو، بي نظير ڀٽو
- بي اين پي پاران صدر مشرف جي بلوچستان آمد واري ڏينهن 16 نومبر تي هڙتال جو اعلان
- ايران مارچ 2007ع کان 3 هزار يورينم سينٽريفيوج شروع ڪندو، ايراني پرڏيهي وزارت
- ڀارت پاڪستان کي دهشتگردي ۾ آءِ ايس آءِ جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڏيندو، ڀارتي ذريعا
- ڀارتي فوج سياچن معاملي بابت پاڪستان سان ٺاهه جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو
- ورلڊ بينڪ ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپني کي بدعنواني سبب بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، ڪم رولڙي جو شڪار
- ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد کي سرگرم نه ڪري سگهڻ جي اعتراف سميت استعفا ڏئي ڇڏي
- عراق ۾ خودڪش بم حملن جي نتيجي ۾ 35 ماڻهو مارجي ويا، 60 ڄڻا زخمي
- اسرائيل خلاف قرارداد ويٽو ڪرڻ تي عرب ملڪن طرفان آمريڪا تي سخت تنقيد
- ڀنڊار ٻيٽ تي هزارين سنڌين جو ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو، عورتن طرفان ماتم
- گورنر جي آئيني ڀڃڪڙين ڪرڻ وارن عملن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان، سيمينار ۾ فيصلو
- ٻيٽن جي وڪري سان سنڌ کي ڪوبه نقصان نه آهي حڪومت صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ سيڙپ جو ماحول ٺاهيو، گورنر عشرت العباد
- ڪراچي ۾ رهندڙ ڌارين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم، هڪ هفتي جو الٽيميٽم
- گذريل سٺ سالن کان سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي سنڌي ترقي نه پر ترقي جي سرڪاري تصور جا مخالف آهن، هلچل اخبار
- القائده حملن لاءِ نيوڪليئر هٿيارن جي حاصلات جي چڪر ۾ لڳل آهي، برطانوي پرڏيهي وزارتي ذريعا
- صوبي سرحد جي اسيمبلي حسبه بل وڏي اڪثريت سان پاس ڪري ورتو، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ
- بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورس ۽ هٿياربندن وچ ۾ ويڙهه هڪ اهلڪار مارجي ويو، ٻه زخمي
- عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 7 پرڏيهي فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
- بنا جواز سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا
- پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان زوري لڏايل ڳوٺ صفر خاصخيلي جي رهواسين چوٿين رات به کليل آسمان هيٺ گذاري، ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور
- جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن جي آزادي لاءِ بک هڙتال، عورتون ۽ ٻارڙا به هڙتال تي ويٺا
- ممتاز ڀٽي سنڌ دوست ڌرين کي اليڪشني سياست کان پاسيرو ٿي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جي صلاح ڏئي ڇڏي
- پاڪستان پيپلز پارٽي حسبه بل کي نجي زندگي لاءِ رخنو ۽ خزاني تي اجايو بار قرار ڏئي ڇڏيو
- بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه ماڻهو مارجي ويا 15 زخمي
- عورت تحفظ بل ۾ علما ڪاميٽي جون ترميمون شامل، ترميم ڪئي وئي ته مخالفت ڪنداسين، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم
- متان وساريو اٿوَ، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ امن ڳالهين واري وقت ڀارتي ڪشمير ۾ ڌماڪا 24 زخمي
- عراق ۾ حملن ۽ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 55 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
- پاڪستان طالبان جي بقا جو ذميوار نه آهي طالبان جو مرڪز ڪابل ۾ آهي، صدر مشرف
- عراق ۾ فوجي يونيفارم پهريل ماڻهن هٿان سو کان مٿي ملازم اغوا ٿي ويا
- پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جو پهريون ڏينهن، پاڪستان ثبوتن جو منتظر آهي، قصوري
- سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي جو مطلب آهي ملڪ ۾ صحافت آزاد نه آهي، سنڌ ۾ پابندي خلاف مظاهرا جاري
- عراق ۾ تعليمي کاتي جا اغوا ٿيل ملازم آزاد ٿي ويا، ترت انتظامي ڪاروائي سبب اهو ممڪن ٿيو
- چئن آمريڪي فوجين مان هڪ تي 14 ساله عراقي ڇوڪري کي جنسي ڏاڍائي کان پوءِ مارڻ جو ڏوهه ثابت
- جيئي سنڌ متحده محاذ جي تازو ظاهر ڪيل ٻن اڳواڻن مظفر ڀٽي ۽ ستار هڪڙي تي تشدد ڪيو پيو وڃي، وارثن جو الزام
- ماتلي ڀرسان روڊ حادثي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت، 20 زخمي
- عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ بي حيائي وڌندي، ايم ايم اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان
- عراق ۾ خودڪش ڪار بم حملن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڇهه آمريڪي فوجي پڻ آپريشن دوران اجل جو شڪار
- مشهور ۽ متنازعه عرب ٽي وي چينل الجزيره انگريزي ۾ به نشريات شروع ڪري ڇڏي
- اڄ شڪارپور ۾ ضمني چونڊ، پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ق) وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان
- سنڌ ٽي وي جي نشريات پاڪستان جي خفيه ايجنسين بند ڪرائي آهي، حزب اختلاف
- قومي اسيمبلي مان عورت تحفظ بل منظور، پ پ بل جي حمايت ڪئي، ايم ايم اي ۽ نواز ليگ جو اجلاس مان بائيڪاٽ
- پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان زوري لڏايل صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جي سار ڪنهن نه لڌي، قومپرست جماعتون خاموش
- عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 15 عراقي مارجي ويا، چار آمريڪي فوجي پڻ آپريش دوران اجل جو شڪار
- حافظ حسين احمد استعفا جمع ڪرائي، ايم ايم اي ۾ استعفائن بابت اختلاف موجود
- جلال محمود شاه طرفان جوڙيل نئين پارٽي جو ڪنوينشن 9 ڊسمبر ۽ تعارفي جلسو 17 ڊسمبر تي ڪرڻ جو اعلان
- مشرف جي بلوچستان دوري وقت صوبي ۾ هڙتال، نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجي ۽ ٻين جي گرفتاري جا اطلاع
- آمريڪا ۾ 33 پاڪستاني گرفتار، انهن کي غير قانوني پرڏيهي هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو
- ڀارت سان امن ڳالهين جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ميزائل جو نئون تجربو ڪري ورتو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل
- عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ انتها پسندن جو زور ٽٽي ويو آهي، صدر مشرف
- سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف مظاهرا جاري، حيدرآباد ۾ ابراهيم جويي ۽ آريسر جي اڳواڻي ۾ احتجاج
- ٻن صوبن ۾ حدود ترميمي بل لاڳو ڪرڻ نه ڏينداسين، ايم ايم اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان
- ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پٺيان پاڪستان جو هٿ آهي ان جا پڪا ثبوت آهن، ڀارتي پرڏيهي وزير
- بينظير طرفان بل جي منظوري تي قوم کي مبارڪون، ايم ايم اي جون استعيفائون روڪڻ لاءِ اسيمبلي اجلاس چئن مهينن تائين ملتوي
- جهونو دانشور ابراهيم جويو، قادر مگسي ۽ ٻيا ممتاز ڀٽي کان استعيفا واپس وٺڻ لاءِ ملاقات ڪندا
- آمريڪي سينيٽ ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل نيوڪليئر معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي
- پاڪستان برطانوي شهري مرزا طاهر حسين کي آزاد ڪري ڇڏيو، مٿس هڪ ڊرائيور کي قتل ڪرڻ جو الزام هو
- لاهور ۾ بم ڌماڪو ٻه ماڻهو مارجي ويا، پشاور ۾ پڻ خودڪش بم حملو حمله آور پاڻ مارجي ويو
- سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري
- هالينڊ جي ڪابينه مسلمان عورتن جي نقاب ٻڌڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، نقاب پائڻ غير قانوني قرار
- اسامه بن لادن پاڪستان ۽ افغانستان بارڊر ڀرسان ڪٿي لڪل آهي، افغان صدر حامد ڪارزئي
- عورت تحفظ بل جي پاس ٿيڻ سان پاڪستان ۾ عورتن سان امتياز ختم ٿي ويندو، آمريڪا
- سريلنڪا ۾ فوج ۽ تامل باغين ۾ ويڙهه 15 تامل باغي مارڻ جي دعوا، ٻئي طرف هڪ بم ڌماڪي ۾ 4 فوجي مارجي ويا
- طالبان کي پختون نه پر فوج پاڻ پيدا ڪيو آهي پختونن خلاف الزام بازي بند ٿيڻ گهرجي، اسفند يار ولي
- سنڌ نيشنل پارٽي پاران ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف پهرين ڊسمبر تي احتجاج جو اعلان
- جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن کي ڪوٽڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي سينٽرل جيل حوالي
- ڀارتي آسام ۾ پوليس هٿان ٻه ٻار قتل، مقامي ماڻهن ٿاڻي تي حملو ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي ماري وڌو
- عراق ۾ پنج سيڪيورٽي اهلڪار اغوا ٿي ويا، مغوين ۾ چار آمريڪي ۽ هڪ آسٽريلوي شامل
- ويڙهاڪ پاڪستاني سرزمين استعمال ڪندي افغانستان ۾ دهشتگرد ڪاروائيون ڪن ٿا، افغان صدر
- افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 52 ٿي ويو، هزارين بي گهر ۽ ڪيترائي لاپته
- انڊونيشيا ۾ هڪ مسافر هوائي جهاز ڪري تباه، 12 ماڻهو فوت ٿي ويا
- بئنڪاڪ ۾ مسلمان ويڙهاڪن هٿان هڪ ٻڌسٽ مارجي ويو، ٽن ڏينهن ۾ ٽي ماڻهو قتل ٿيا
- ڀارت کان آيل سنڌي شاعر ۽ ٻين کي لاڙڪاڻي ۾ آجياڻو ڏنو ويو، سنڌ مان لڏي وڏي غلطي ڪئي، موتي رام
- پاڪستاني جي قبائلي علائقي ۾ هڪ مذهبي عالم آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزم تحت قتل
- عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 53 ماڻهو مارجي ويا، هڪ عراقي وزير پڻ اغوا ٿي ويو
- مذهبي انتهاپسند اسان سڀني کي طالبانائزيشن طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا، برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر
- پاڪستاني ڪوسٽ گارڊز هٿان 22 ڀارتي مهاڻا سامونڊي سرحد جي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار
- پاڪستان بعد ڀارت به پرٿوي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل
- سنڌي ادبي سنگت تي قبضي سبب سنڌ جو اديب انقلابي نه ٿي سگهيو آهي، رسول بخش پليجو
- سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جو سخت احتجاج، اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي
- بدين ۾ سوين ماڻهن جو ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو، عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ
- سنڌ جي گورنر خلاف سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران پٽيشن، هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان وضاحت طلب
- هندستاني رياست بنگال ۾ بم ڌماڪا، 12 ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي
- انڊونيشيا ۾ ريل جا ٻه گاڏا پٽڙي تان لهي ويا، 9 ماڻهو فوت ڪيترائي زخمي
- پاڪستاني ايئرفورس جو جهاز ڊيرا اسماعيل خان ڀرسان ڪري پيو، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي، ايئر فورس ذريعا
- عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 48 عراقي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
- لال ڪرشن آڏواڻي دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏيل حڪمت عملي جي مخالفت ڪري ڇڏي
- سنڌ ٽي وي تي پابندي خلاف سموري سنڌ ۾ مظاهرا جاري، احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءَ
- ايڪيهين صدي جي امن جو دارومدار افغانستان ۾ هلندڙ دهشتگردن خلاف جنگ تي آهي، برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر
- فلسطيني علائقي غزه مان ٻه ريڊ ڪراس جا عملدار اغوا ٿي ويا، ٻنهي جو تعلق اٽلي سان
- ڪولمبيا جي فوج کاٻي ڌر جي 11 ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو، ڪولمبيا جا ٽي فوجي پڻ مارجي ويا
- پاڪستاني پوليس بلوچستان ۾ طالبان هجڻ جي شڪ ۾ 47 ماڻهن کي سوگهو ڪري ورتو
- نيپال ۽ مائو نواز باغين وچ ۾ امن معاهدو، ملڪ ۾ ڏهن سالن کان جاري تشدد جو خاتمو ٿي ويندو
- ڏکڻ پولينڊ ۾ ڪوئلي جي کاڻ هڪ گيس ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن سبب 23 مزدور دٻجي ويا
- يارنهن مذهبي جماعتن پاران عورت تحفظ بل خلاف تحريڪ جو اعلان، ايم ايم اي سينيٽ تان پڻ استعيفائون ڏيندي
- چين ۽ ڀارت ۾ معاهدو، ٻنهي رهنمائن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو عزم ڪيو
- ويهن سالن بعد شام ۽ عراق تعلقات بحال ڪرڻ جو فيصلو، اعلان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڪيو
- پاڪستاني خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ مدد جي آڇ ڪئي هئي، نيپالي مائو نواز باغي اڳواڻ
- جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن ستار هڪڙو ۽ مظفر ڀٽو کي ڪوٽڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
- سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پيمرا طرفان پابندي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا جاري، نشريات جي بحالي جو مطالبو
- عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ صحافي سميت 7 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا
- بش حڪومت جو ارادو آهي ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ايندڙ گرمين ۾ حملو ڪيو وڃي، آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ
- طالبان جي وڌندڙ طاقت کي منهن ڏيڻ لاءِ 2008ع تائين افغاني فوج جو تعداد ٻيڻو ڪرڻ جي آمريڪي رٿا
- انڊونيشيا پاران عراق ۾ امن فوج موڪلڻ جو ارادو ظاهر، ٻين مسلم ملڪن کي پڻ شامل ٿيڻ گهرجي: انڊونيشيا
- موبائل فونن ۾ قرآن جي آيتن وارا رنگ ٽون، پاڪستان ۽ ڀارت جي مسلمان عالمن جي راءِ مختلف
- صوماليه ۾ ندي جا بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال، ست ماڻهو فوت، ڪيترو ئي چوپايو مال لڙهي ويو
- ملڪ جي سالميت کي دهشتگردي، ويڙهاڪ گروپن ۽ گن ڪلچر مان خطرو آهي، بي نظير ڀٽو
- ڪراچي ۾ هزارين سنڌين جو مظاهرو، ٻيٽن جو وڪرو نامنظور جو نعرو گونجندو رهيو
- صدر مشرف لبرل خيالن جو آهي ٻه سال وڌيڪ رهيو ته پاڪستان ۾ حسن جا مقابلا ضرور ٿيندا، سونيا احمد
- اسرائيلي فوجي ڪاروائي ۾ غزه جا 7 فلسطيني مارجي ويا، هڪ عورت طرفان خودڪش حملي جي ڪوشش
- گوادر مان مقامي ماهيگيرن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي، پريس ريليز
- بغداد ۾ صدر سٽي وٽ ٿيل لڳاتار بم ڌماڪن جي فوتين جو انگ 213 ٿي ويو
- عورت تحفظ بل سينيٽ مان به اڪثريت راءِ سان منظور، مذهبي جماعتن جو ترميمون حڪومت طرفان رد
- هر انسان جي ڊي اين اي ۾ ڏه سيڪڙو فرق آهي، هڪجهڙائي واري مفروضي تي شڪ ظاهر
- سنڌ ۾ ٿيل ضمني چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا پڌرا ٿي ويا
- ڪراچي جي ٻيٽن تي عيش لاءِ سينٽر ٺهندا جنهن وٽ پيسو هوندو اهو اُتي وڃي سگهندو، پير پاڳارو
- بلوچستان ۾ گيس پائپ لائنن کي نامعلوم ماڻهن طرفان اڏائڻ سبب سوا ٽي ارب جو نقصان ٿيو، وفاقي وزير
- انڊونيشيا جي جاوا واري علائقي ۾ گيس پائپ لائن ڌماڪي سان تباه، ست ماڻهو مارجي ويا
- ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي اڳواڻي تان استعيفا ڏئي سياسي طور نابالغي جو ثبوت ڏنو، قادر مگسي
- وفاقي حڪومت سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ کي پابندي کان آجو ڪري ڇڏيو، نشريات بحال ٿي وئي
- ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت تعمير جو ڪم نه روڪيو ته سيز فائر ختم ڪري ڇڏينداسين، پاڪستان
- اسرائيل فلسطين جي ويڙهاڪن جي جنگ بندي واري مشروط رٿ رد ڪري ڇڏي
- ترڪ فوج ۽ ڪُرد ويڙهاڪن ۾ جهڙپن دوران هڪ ترڪ فوجي ۽ ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا
- افغانستان ۾ اتحادي فوج هٿان ست طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا، هڪ اتحادي فوجي زخمي
- ڪڇي ڪينال تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي ڇهه راڪيٽ فائر، ٻه ماڻهو زخمي
- ڀارتي پوليس ڪشمير ۾ ٽن ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو، واقعو ڊوڊا جي علائقي ۾ ٿيو
- سريلنڪا ۾ سرڪاري فوج ۽ تامل باغين وچ ۾ جهڙپون، 26 ماڻهو مارجي ويا
- وارثن هٿان ٻن غيرشادي شده نارين جو قتل، گهرن مان فرار ٿيل ناريون ان شرط تي واپس ٿيون ته کين معاف ڪيو ويندو
- جيئي سنڌ متحده محاذ جي باندي اڳواڻن جي ملاقات تي پابندي ۽ تشدد خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاهرو
- ابراهيم جويو جي صدارت ۾ سنڌ قومي اتحاد جو اجلاس، اتحاد کي متحرڪ بنائڻ جو فيصلو
- ٽرالر جو اسڪولي ٻارڙن جي ڊاٽسن سان ٽڪر، نتيجي ۾ 2 شاگرد فوت 20 زخمي
- ڀارتي ڪشمير ۾ جهڙپون، ٻه ويڙهاڪ ۽ چار ڀارتي فوجي مارجي ويا
- بنگلاديش: جنوري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نگراني وارو اختلاف، فسادن ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي
- سموري دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، پاڪستان ۾ فرسوده رسمون زنده
- سنڌ ٽي وي نشريات جي بحالي سنڌين جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس
- عراق جي هڪ ڳوٺ ۾ 21 مردن کي گهران ٻاهر ڪڍي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، ڪيترائي ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا
- ڀارتي رياست يو پي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جي سرگرمين جو ڳڙهه آهي، جگ موهن يادوَ
- بغداد ۾ سني مسجدن تي حملا، 31 ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي
- روس طرفان آمريڪي دٻاءَ باوجود ايران کي هٿيارن جي فراهمي شروع
- حدود بل نافذ ڪرڻ ۾ جيڪا به صوبائي حڪومت رڪاوٽ وجهندي اها برطرف ٿي سگهي ٿي، شيرافگن
- چاليهه سال اڳ جي ايم سيد اسان کي خطرن کان آگاه ڪيو پر اسان سندس پيغام تي اعتبار نه ڪيو، جلال محمود شاه
- ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد اسلام آباد وارن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو، عبدالواحد آريسر
- هٿيارن بجاءِ پئسو عورتن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجي، نوبل انعام يافته ايراني عورت شيرين
- افغانستان جي هوٽل ۾ بم ڌماڪو ست ماڻهو مارجي ويا، ٻئي طرف 57 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا
- پنجاب ۾ هڪ وين ڪينال ۾ ڪرڻ سبب 11 ماڻهو فوت، ڪيترن ئي ماڻهن کي بچايو ويو
- عراقي صوبي انبار ۾ قبائلين 55 القائده جي ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو، تصديق نه ٿي سگهي
- آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن ڌمڪي ڏني ته جرم جو اعتراف ڪر نه ته پُٺ ۾ هڪ ٻيو سوراخ ڪنداسين، صلاح الدين
- بم ڌماڪن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ”را“ ۽ ”موساد“ ملوث آهن، خوبصورت ڇوڪرين ذريعي ڪاروائيون ٿين ٿيون
- بارامولا ۾ 18 ڪشميري ويڙهاڪن ڀارتي فوج اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا، سندن تعلق ٽن ويڙهاڪ تنظيمن سان آهي
- ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان ٽي ڪشميري ويڙهاڪ مارجي ويا
- افغانستان ۾ هڪ خودڪش بم حملي جي نتيجي ۾ ٻه نيٽو فوجي مارجي ويا، واقعو ڪنڌار ويجهو ٿيو
- سنڌ جي مخالفت باوجود وفاقي پلاننگ ڪميشن تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جي منظوري ڏئي ڇڏي
- ضلعي ڪائونسل مٽياري سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ خلاف رٿ منظور ڪري ورتي، اها سنڌين سان ناانصافي آهي
- ڀارتي ڪوسٽ گارڊز هٿان سنڌ جا 21 ماهيگير گرفتار، جهليل ماهيگيرن جو تعداد 113 ٿي ويو
- ڀارت هوا ۾ ٻن ميزائلن جي ٽڪراءُ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، تجربو اڙيسا ۾ ڪيو ويو
- فيصل آباد جي عدالت ٻن عيسائين کي قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 25 هزار ڏنڊ
- ڪشمير جي نوجوانن کي ويڙهه بجاءِ پرامن سياست ذريعي حق وٺڻ طرف راغب ڪيو ويندو، ياسين ملڪ
- باجوڙ مدرسي تي آمريڪا حملو ڪيو هو، سنڊي ٽائيمز حڪومت جي دعوا کي رد ڪري ڇڏيو
- ايران جو فوجي ايئرڪرافٽ حادثي جو شڪار، 38 ماڻهو مارجي ويا
- يمني اخبار جي ايڊيٽر کي ڊينمارڪ ۾ شايع ٿيل ڪارٽونن جي ٻيهر اشاعت تي هڪ سال سزا
- مسلم ليگ (ن) جي سربراه نواز شريف متحده مجلس عمل کي اسيمبلين تان استعيفا نه ڏيڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي
- بينظير ڀٽو واپس اچي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي پر وزيراعظم نه ٿي ٿي سگهي، مشرف جا ويجها ذريعا
- پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي ڳڻپڪاري جاري، پنج لک افغانين جي رجسٽريشن ٿي چڪي
- سروي: 68 سيڪڙو آمريڪين کي مشرف تي اعتماد نه آهي، متبادل نه هجڻ ڪري پوءِ به بهتر آهي
- سنڌ جي معدني وسيلن ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان، ممتاز ڀٽو
- پاڪستاني حڪومت بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو
- حزب الله عراقي ويڙهاڪ گروپ مهدي مليشيا جي مدد ڪري رهي آهي، انهن هزار کان مٿي ماڻهن کي ٽريننگ ڏني
- ڀارتي اداڪار سنجي دت تي غِيرقانوني اسلحو رکڻ جو ڏوه ثابت، پنج سال سزا لڳي سگهي ٿي
- منو ڀيل خاندان جي بازيابيءَ لاءِ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي، سنڌ ۾ نجي جيلن جو سلسلو جاري
- برطانيه ۾ ڀارتي نزاد مسلمان عورت کي پردو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اسڪول انتظاميه برطرف ڪري ڇڏيو
- شڪارپور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ چار عورتون ڪاري هجڻ جي الزام هيٺ قتل، مارجي ويلن ۾ ٽي ڀينرون هيون
- طالبان ويڙهه ۾ سرگرم ٿي رهيا آهن تنهنڪري انهن کي اقتدار ۾ ڀائيوار ڪيو وڃي، قصوري
- پاڪستاني ويڙهاڪ تنظيم جي دهشتگردن نيپال ۽ بنگلاديش مان داخل ٿي ڀارت ۾ ڌماڪا ڪرايا، ايم ڪي نارائن
- بلوچستان ۾ نوشڪي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي چار بم ڌماڪا، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو
- اقوام متحده جا ٻه اهلڪار پاڪستان جي اترئين علائقي مان اغوا ٿي ويا
- حڪومت اسان جي جمهوري احتجاج کي روڪي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، اختر مينگل
- لاهور هاءِ ڪورٽ مولي عرف مصباح کي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
- متحده مجلس عمل جون عورت اسيمبلي ميمبر حدود ترميمي بل خلاف احتجاجي استعيفائون نه ڏينديون، جي يو آءِ
- آمريڪي فوج ۽ ويڙهاڪن جي جهڙپ ۾ پنج ڇوڪريون مارجي ويون، واقعو عراقي صوبي انبار ۾ پيش آيو
- پاڪستان وچٿري ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل
- افغانستان ۾ هڪ بم حملي جي نتيجي ۾ نيٽو جا ٻه فوجي مارجي ويا، واقعو لوگر صوبي ۾ پيش آيو
- سارو گنگولي ٻيهر ڀارتي ٽيم ۾ شامل، ڏکڻ آفريڪا جي اسڪواڊ ۾ سندس نالو شامل ڪيو ويو
- عراق ۾ جهڙپن دوران ٻه فوجي مارجي ويا، ٻئي طرف اجتمائي قبر مان 28 ماڻهن جا لاش هٿ آيا
- پاڪستان ائين نه چيو آهي ته طالبان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي، تسنيم اسلم
- پاڪستان جي خفيه ايجنسين ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو، سوين ماڻهو لاپته
- عورت تحفظ بل خلاف لاهور کان گجرات ايم ايم اي جي ريلي، پنجاب حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي
- طالبان جي واپسي، پاڪستان افغان بارڊر ڀرسان قبائلي علائقن ۾ طالبان جون سرگرميون جاري
- صدر مشرف جي سربراهي ۾ ايندڙ عام چونڊون قبول آهن، پ پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم
- فلپائني فوج ۽ ويڙهاڪن ۾ جهڙپون، 5 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا
- القائده ۽ طالبان پاڪستاني علائقي اتر وزيرستان ۾ کليل نموني سرگرم آهن، برٽش جوائنٽ انٽيليجينس ڪاميٽي