عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ انتها پسندن جو زور ٽٽي ويو آهي، صدر مشرف

16 نومبر 2006

پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ انتها پسندن جو زور ٽٽي ويو آهي. اها ڳالهه هن قوم کي خطاب دوران ڪئي.

صدر مشرف وڌيڪ چيو ته بل عين اسلامي آهي ڇاڪاڻ ته اسلام جي بنيادي قانونن کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته حدود آرڊيننس ۾ جيڪي خاميون هيون اهي دور ڪيون ويون آهن.

پرويز مشرف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو تاثر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته قرآن ۽ سنت جي قانونن کي پٺي ڏني ويئي آهي پر اهو سراسر ڪوڙ ۽ بي بنياد الزام آهي.

صدر چيو ته عوام هاڻي بيدار ٿي چڪو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ اعتدال پسند ۽ ترقي پسند قوتون اسيمبلين ۾ کٽي اينديون ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي ملڪ جي بقا شامل آهي.

ذريعا

  • سنڌي ٽي وي ”ڪي ٽي اين“
  • سنڌي ٽي وي ”سنڌ ٽي وي“