اسرائيل فلسطين جي ويڙهاڪن جي جنگ بندي واري مشروط رٿ رد ڪري ڇڏي

24 نومبر 2006

اسرائيل فلسطيني ويڙهاڪن جي ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ انهن چيو هو ته اسرائيل غزه ۾ ڪاروائيون بند ڪري ته اهي اسرائيل تي حملا بند ڪري ڇڏيندا.

اسرائيلي حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته فلسطيني ويڙهاڪن عارضي جنگ بندي جي آڇ ڪئي هئي، صرف راڪيٽ فائر نه ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي امن جي قيام ۾ سنجيده نه آهن.

ياد رهي ته اسرائيل کي اها پيشڪش سمورن ويڙهاڪ گروپن جي گڏجاڻي کان پوءِ ڪئي وئي جنهن ۾ حماس جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي هئي.

ذريعا