نيپال ۽ مائو نواز باغين وچ ۾ امن معاهدو، ملڪ ۾ ڏهن سالن کان جاري تشدد جو خاتمو ٿي ويندو
21 نومبر 2006
نيپال ۽ مائو نواز باغين وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي ياد رهي ته اهڙو امن معاهدو ڏهن سالن کان جاري تشدد بعد عمل ۾ آيو آهي.
سرڪاري اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ان امن معاهدي سان ڏهن سالن کان جاري تشدد ختم ٿي ويندو.
مائو نواز باغين ۽ سرڪاري اهلڪارن وچ ٿيل امن معاهدو کٽمنڊو ۾ ٿيو جتي اهڙن دستاويزن کي وصول ڪيو ويو. معاهدي مطابق مائو نواز باغي ڏهن سالن کان جاري مسلح جدوجهد تان هٿ کڻي ملڪي سياست ۾ سرگرم حصو وٺندا.
ياد رهي ته ان ويڙهه جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 13 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا هئا. چيو ويو آهي ته اڄ کان پوءِ جيڪو به تشدد جي واقعي ۾ ملوث هوندو ان کي ملڪي قانون تحت سزا ڏني ويندي.