ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرست سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم پاران سکر ۾ مظاهرو

11 نومبر 2006

فائل:Sukkur rally.jpg
سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ ريلي (فوٽو: عوامي آواز)

جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرست سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم سکر پاران هڪ مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ايجنسين طرفان گرفتار ڪري گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي عدالتن جي تحويل ۾ ڏنو وڃي.

مظاهري کي ياسين مهر، ستار زنگيجي، مجيد جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان احتجاجي مظاهري دوران ڪارڪن مينارا روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته 60 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گم ڪيو ويو آهي کين جلد بازياب ڪرايو وڃي.

ذريعا