افغانستان ۾ جهادي ڪاروائين بعد پاڪستان اسان جي لاءِ محفوظ هنڌ آهي، طالبان

9 نومبر 2006

22 ساله طالبان ويڙهاڪ حلال هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته نيٽو ۽ افغان فوجين خلاف ڪاروائي ڪري اسان پاڪستان ۾ اچي ساهي پٽيندا آهيون. ٻه سال اڳ اسان جون ڪاروائيون صرف افغان فوجين خلاف هيون پر هاڻي اسان جون ڪاروائيون آمريڪي فوجن خلاف پڻ تيز ٿينديون.

هڪ ٻئي طالبان 19 ساله نعمان جنهن کي نيري اڇي رنگ جو پٽڪو پاتل هو، چيو ته اسان کي سمورا سڃاڻن ته اسين طالبان آهيون. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان اسان جي لاءِ محفوظ هنڌ آهي.

اهو انٽرويو ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان صوبي ۾ هڪ مٽيءَ جي گهر ۾ ورتو ويو. انهن پنهنجا اصل نالا نه ٻڌايا. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتي مدرسي ۾ جهادي سبق تازو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. خبر مطابق اڪثر طالبان وٽ پاڪستاني شناختي ڪارڊ پڻ موجود هوندا آهن.

ذريعا