حڪومت اسان جي جمهوري احتجاج کي روڪي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، اختر مينگل

29 نومبر 2006

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه اختر مينگل چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت اسان جي اعلانيل لانگ مارچ کي روڪي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. ياد رهي ته اختر مينگل کي سندس ذاتي رهائشگاه ۾ نظربند ڪيو ويو آهي.

بي بي سي سان ڳالهائيندي اختر مينگل وڌيڪ چيو ته پهاڙن تي وڙهندڙ بلوچن لاءِ حڪومت چوي ٿي ته اها تخريب ڪاري آهي اسان جڏهن جمهوري طريقي سان جدوجهد شروع ڪري رهيا آهيون ته رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن خبر نه آهي ٽيون ڪهڙو طريقو آهي جنهن جي ٻولي حڪومت کي سمجهه ۾ ايندي.

اختر مينگل جو چوڻ هو ته گوادر ويندڙ سمورن رستن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بيهاريو ويو آهي ۽ ٻئي طرف اسان جي سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت جمهوري احتجاج کي غير آئيني طريقي سان روڪي رهي آهي.

ذريعا