سريلنڪن فوج تامل باغين جي ڪيمپ تي حملو ڪري 45 ماڻهو ماري ڇڏيا

8 نومبر 2006

تامل باغين چيو آهي ته سريلنڪا جي فوج هڪ ڪيمپ تي حملو ڪري 45 شهرين کي ماري ڇڏيو آهي. آزاد ذريعن تصديق ڪئي آهي ته تمام گهڻا ماڻهو ماريا ويا آهن يا زخمي حالت ۾ آهن. تامل باغي ذريعن موجب ويڪاراء علائقي ۾ ٿيل شيلنگ ۾ 125 ماڻهو زخمي ڪيا ويا آهن.

سريلنڪن فوج جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تامل باغي پنهنجي بچاءِ لاءِ انساني ديوارون يا پناه جوڙين ٿا. سريلنڪا مانيٽرنگ مشن جو چوڻ آهي ته هنن 23 لاش ڳڻيا آهن جڏهن ته فوتين جو تعداد ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اداري جو چوڻ هو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن صحيح تعداد جي ڄاڻ نه آهي پر مارجي ويلن جو تعداد 50 کان 60 ٿي سگهي ٿو.

ذريعا