صدر مشرف جي سربراهي ۾ ايندڙ عام چونڊون قبول آهن، پ پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم
30 نومبر 2006
پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مخدوم امين فهيم چيو آهي ته صدر مشرف جي نگراني ۾ ايندڙ عام چونڊون پ پ پ لاءِ قابل قبول هونديون.
صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم امين فهيم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرايون ته پ پ پ صدر مشرف جي هوندي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار هوندي.
هن جو چوڻ هو ته هڪ آزاد ۽ اڻ ڌري اليڪشن ڪميشن جوڙي وڃي. پ پ پ حڪومتي مسلم ليگ سميت ڪنهن به پارٽي سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.