Wikinews:2/نومبر/2006
- پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ مسلمان جهادين ۽ انتهاپسندن کي هٿي ڏئي رهي آهي، آسام پوليس
- بغداد ڌماڪي جي فوتين سميت عراق ۾ مارجي ويلن جو انگ 49 ٿي ويو
- ڏهن سالن جي ٻارڙي ڊينگو وائرس سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت
- بلوچستان جي شهر ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه پوليس اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا
- انڊونيشيا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 11 ماڻهو فوت، فوتين ۾ عورتون ۽ هڪ ٻار شامل
- برهمداغ بگٽي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، پاڪستاني ايجنسي جي افغانستان حڪومت کان گهر
- ايران طرفان شهاب 3 جو ميزائل تجربو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل
- اتر ڪولمبيا ۾ پوليس اسٽيشن تي کاٻي ڌر جي گوريلن جو حملو، 29 ماڻهو مارجي ويا
- ويسٽ انڊيز آءِ سي سي ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي ويو، گيل جي شاندار سينچري
- باجوڙ واقعي جي اڻ ڌري پارلياماني جاچ ڪرائي وڃي، بي نظير ڀٽو
- جسقم ڪمائي جو ذريعو بڻجي وئي آهي، آريسر بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي، الزام ڪوڙا آهن، بشير قريشي
- نصير کوسو جي گهر تي حملي خلاف احتجاج، حملي ۾ نصير کوسو جو پٽ زخمي
- پونم طرفان سموري سنڌ ۾ ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرا
- سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف 7 نومبر تي احتجاج جو اعلان
- شعيب اختر تي ٻه سال ۽ محمد آصف تي هڪ سال پابندي، ڊوپنگ ٽريبيونل جو فيصلو