سروي: 68 سيڪڙو آمريڪين کي مشرف تي اعتماد نه آهي، متبادل نه هجڻ ڪري پوءِ به بهتر آهي

28 نومبر 2006

68 سيڪڙو آمريڪين پاڪستاني صدر پرويز مشرف جي باري ۾ راءِ ڏني آهي ته ان تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي پر متبادل نه هجڻ ڪري ان کي موجود مان بهتر چونڊ سڏيو ويو آهي.

23 سيڪڙو آمريڪين جو سروي ۾ چوڻ هو ته اصل ۾ پاڪستان انتهاپسندن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جي حق ۾ آهي پر صدر مشرف آمريڪي دٻاءَ جي ڪري ائين ڪرڻ لاءِ مجبور آهي.

صرف 9 سيڪڙو آمريڪين جي راءِ هئي ته پرويز مشرف دهشتگردي خلاف آمريڪا سان گڏ ۽ سرگرم آهي.

ذريعا