قومي اسيمبلي مان عورت تحفظ بل منظور، پ پ بل جي حمايت ڪئي، ايم ايم اي ۽ نواز ليگ جو اجلاس مان بائيڪاٽ

15 نومبر 2006

حڪومت قومي اسيمبلي مان عورت تحفظ بل پاس ڪرائي ورتو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بل جي حمايت ڪئي جڏهن ته نواز ليگ ۽ ايم ايم اي سخت مخالفت ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

ذريعن مطابق مذڪوره بل جنهن وقت اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو ته چوڌري شجاعت استعفا اسپيڪر حوالي ڪندي چيو ته ايم ايم اي رڳو ڳالهيون ڪندي آهي مان استعفا ڏيئي رهيو آهيان بل جيڪڏهن اسلام جي خلاف آهي ته منهنجي استعفا حتمي هوندي. جڏهن ته اسپيڪر چوڌري جي استعفا واپس ڪندي کيس چيو ته اهو فيصلو وقت کان اڳ آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي بل جي حمايت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو جڏهن ته مسلم ليگ ن ۽ ايم ايم اي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويون. ايم ايم اي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بل غير اسلامي ۽ غير شرعي آهي.

ياد رهي ته ايم ايم اي بل منظور ٿيڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي تان استعفائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ جڏهن بل منظور ٿي ويو تڏهن مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت خلاف تحريڪ هلائي ويندي. استعفائن لاءِ هن چيو ته اهڙو فيصلو تڪڙ ۾ نه ڪيو ويندو.

ذريعا

  • اردو ٽي وي ”اي آر واءِ“
  • اردو ٽي وي ”جيو ٽي وي“