غزه جي علائقي بيت حنون ۾ اسرائيلي فوج هٿان 18 فلسطيني مارجي ويا، 40 زخمي

8 نومبر 2006

فلسطيني ذريعن مطابق اسرائيل جي بيت حنون اتر غزه تي حملي جي نتيجي ۾ 24 فلسطيني مارجي ويا آهن جڏهن ته 40 کان مٿي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.

فلسطيني ذريعن مطابق مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن. اسرائيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي تحقيقات ڪرائي پئي وڃي.

فلسطيني اڳواڻن گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي اپيل ڪئي آهي ته اسرائيل کي حملن ڪرڻ کان روڪيو وڃي. چيو ويو آهي ته اسرائيل جي تازين ڪاروائين جي ٽي وي وڊيوز کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته حملن ۾ ڪيئن انساني عضوا وکريل هئا.

حماس جي مقامي اڳواڻ چيو آهي ته اسرائيل تي خودڪش حملا ٻيهر شروع ڪيا ويندا جنهن کي ٻن سالن کان معطل ڪيو ويو هو. حماس جي ذريعن موجب اسرائيل وحشياڻيون ڪاروائيون ڪري رهيو آهي تنهنڪري اسرائيل جو وجود ئي دنيا مان ختم ڪيو ويندو.

ذريعا