القائده حملن لاءِ نيوڪليئر هٿيارن جي حاصلات جي چڪر ۾ لڳل آهي، برطانوي پرڏيهي وزارتي ذريعا

13 نومبر 2006

برطانوي پرڏيهي وزارت جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته القائده حملن لاءِ نيو ڪليئر هٿيارن جي حاصلات جي چڪر ۾ آهي.

پرڏيهي وزارتي ذريعن مان اهڙو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ برطانوي حساس اداري ايم 5 طرفان القائده جي متوقع حملن طرف اشارو ڪيو ويو هو.

برطانوي پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته القائده نيوڪليئر حملن لاءِ تاڙ ۾ آهي. انهن جي ڪوشش آهي ته ڪهڙي به طرح نيوڪلئير هٿيارن جي حاصلات ٿي سگهي.

ذريعا