نيپال ۾ باغين طرفان ويڙهه ختم ڪرڻ جو اعلان، ڏه ساله ويڙهه جو خاتمو
8 نومبر 2006
نيپالي باغين جي اڳواڻ پراچندا ڏهن سالن کان جاري ويڙه ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ هن وقت تائين 13 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن.
اهو اعلان حڪومت ۽ نيپالي باغين وچ ۾ امن معاهدي بابت ڳالهين بعد ڪيو ويو آهي. اهڙي اعلان تي نيپالي سياستدانن خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ڀارت، آمريڪا ۽ انگلينڊ پڻ ڏه ساله ويڙه جي خاتمي ۽ امن جي شروعات کي ڀليڪار ڪيو آهي. چيو ويو آهي ته باغين کي حڪومت ۾ حصيداري ڏني ويندي.