تربت جيل تي حملو ٻه محافظ مارجي ويا، ڇهه قيدي فرار

1 نومبر 2006

بلوچستان جي شهر تربت جي جيل تي نامعلوم ماڻهن طرفان حملي جي نتيجي ۾ ٻه محافظ مارجي ويا آهن ۽ چار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڇهه قيدي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

جيل انتظاميه مطابق حمله آور ملاقات بهاني جيل اندر داخل ٿيا ۽ خفيه طور اسلحو به کنيو آيا. اندر داخل ٿيڻ شرط انهن فائرنگ شروع ڪري ڏني. انهن جا ڪجهه ساٿي ٻاهران پڻ فائرنگ ڪري رهيا هئا.

حملي جي نتيجي ۾ ٻه محافظ مارجي ويا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته حمله آور ڇهه قيدين کي فرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ذريعا