راولپنڊي کان جهلم ويندي روڊ حادثي ۾ هڪ برگيڊيئر ۽ سندس زال سميت 7 ڄڻا فوت
6 نومبر 2006
راولپنڊي کان جهلم ويندي روڊ حادثي ۾ برگيڊيئر ۽ سندس زال سميت ست ڄڻا فوٿ ٿي ويا.
حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ ڪار جو ٽائر ڦاٽي پيو ۽ اها ڪار سامهون ايندڙ ٻي ڪار سان ٽڪرائجي ويئي. حادثي ۾ چار ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.
ذريعن مطابق زخمين کي گوجر خان اسپتال پهچايو ويو. جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.