ٻن صوبن ۾ حدود ترميمي بل لاڳو ڪرڻ نه ڏينداسين، ايم ايم اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان

17 نومبر 2006

ايم ايم اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ٻن صوبن ۾ حدود ترميمي بل لاڳو ٿيڻ نه ڏينداسين. ياد رهي ته حدود ترميمي بل عرف عورت تحفظ بل تازو قومي اسيمبلي مان منظور ٿيو هو ۽ ايم ايم اي ميمبرن اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو هو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ضمني چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي روڪيو ويندو. استعيفائن بابت هن چيو ته ڊسمبر ۾ سمورا ايم ايم اي اسيمبلي ميمبر مستعفي ٿي ويندا.

مولانا فضل الرحمان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته صرف قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڌنيون وينديون جڏهن ته صوبائي حڪومتون برقرار رکيون وينديون.

ذريعا