افغانستان ۾ طالبان هٿان ضلعي پوليس آفيسر سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا
3 نومبر 2006
افغانستان ۾ طالبان هٿان ضلعي آفيسر سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس ذريعن مطابق آفيسر هرات صوبي جي هڪ ضلعي ۾ گشت تي هو ته مٿس حملو ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪانوائي ۾ شامل 5 ٻيا پوليس اهلڪار پڻ مارجي ويا.