بي اين پي پاران صدر مشرف جي بلوچستان آمد واري ڏينهن 16 نومبر تي هڙتال جو اعلان

12 نومبر 2006

بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مير حاصل بزنجو صدر مشرف جي بلوچستان دوري دوران سموري بلوچستان ۾ هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اهڙو اعلان هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيو، اعلان مطابق صدر جي آمد واري ڏينهن 16 نومبر خميس ڏهاڙي سموري بلوچستان ۾ هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

هن چيو ته 1940ع واري قرارداد تي عمل ڪندي سمورن صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي. فوجي حڪمران غير آئيني قدم کڻي رهيا آهن تنهنڪري ملڪي سلامتيءَ لاءِ پڻ خطرو پيدا ٿي ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي خلاف نه آهيون. بلوچستان کي پنهنجا تاريخي ۽ آئيني حق گهرجن جيڪي حق وفاق ڦٻايو ويٺو آهي.

ذريعا