ڪوئٽا ۾ 48 ڄڻا طالبان هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار

ڪوئٽا ۾ لڳ ڀڳ 48 افغانين کي طالبان هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جي چوڻ مطابق اهي ماڻهو افغانستان مان ٽولن جي صورت ۾ اچي هتي لڪا آهن.

پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان هڪ همراهه زخمي حالت ۾ آهي. انهن ماڻهن کي اڳ گرفتار افغانين وٽان مليل معلومات ۽ پوليس طرفان گڏ ڪيل معلومات جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهندو.

اهي گرفتاريون ڪوئٽا مان پشتون آبادي واري علائقي ڪچلاڪ، نوان ڪلي ۽ بروري مان ٿيون آهن.

ياد رهي ته اهي گرفتاريون افغانستان ۾ موجود پنجن ملڪن جي ڪمانڊرن طرفان پنهنجن ملڪن تي زور وجهڻ بعد عمل ۾ آيون آهن جنهن ۾ انهن ڪمانڊرن پنهنجن ملڪن کي چيو هو ته پاڪستان کي طالبان جي سپورٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

ذريعا