ڊسمبر 2006
- پاڪستاني شهر پشاور جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ حمله آور پنهنجي بم ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو
- صدر مشرف عورت تحفظ بل تي صحيح ڪري ڇڏي، سموري ملڪ ۾ نئون قانون لاڳو ٿي ويو
- ڪالاباغ ڊيم سميت سمورن منصوبن کي 2015ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، صدر پرويز مشرف
- اختر مينگل جي نظربندي خلاف ڪوئٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جو مظاهرو، ڪيترائي گرفتار
- اردن ۾ بش ۽ المالڪي وچ ۾ ملاقات، عراق کي نه ورهائڻ تي ٻئي اڳواڻ متفق
- پوپ طرفان ترڪي ۾ تاريخي مسجد جو دورو، ٻه منٽ خاموش ٿي عبادت ڪندو رهيو
- طالبان سان ڳالهيون ڪريو، پاڪستاني سينيٽرن جي برٽش پارليامينٽرين کي صلاح
- فلپائن ۾ سامونڊي طوفان سبب 146 ماڻهو فوت ٿي ويا، سوين ماڻهن جي لاپته ٿيڻ جا اطلاع
- پاڪستان ويسٽ انڊيز کان ڪراچي ٽيسٽ کٽي ورتي، محمد يوسف ٻه عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا
- ڀارتي ڪشمير ۾ فوج سان جهڙپ دوران ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا، ٻه ڀارتي فوجي زخمي
- ٻيٽن جي وڪري خلاف سنڌ نيشنل پارٽي پاران سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون
- اين ايف سي ايوارڊ تي بلوچستان ۽ سنڌ متفق آهن جڏهن ته پنجاب ۽ سرحد کي اختلاف آهن، ارباب رحيم
- افغان پارليامينٽ قصوري جي طالبان کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ واري بيان جي مذمت ڪري ڇڏي
- پاڪستان ۾ 80 هزار ايڊز جا مريض موجود آهن، صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ
- شام مان لبنان طرف هٿيار اسمگل ٿي رهيا آهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو سيڪيورٽي ڪائونسل کي خط
- نيٽو فوج پاران افغانستان ۾ 10 طالبان مارڻ جي دعوا، ٻه طالبان ڪمانڊر گرفتار
- لبنان جي وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ حزب الله طرفان بيروت ۾ لکين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو
- ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي خلاف ورلڊ سنڌي انسٽيٽوٽ پاران مهم هلائڻ جو اعلان
- پاڪستان جا 6.5 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر، پٺتي پيل شرح خواندگي جي حساب سان پاڪستان جو ٻيو نمبر
- شعيب اختر ۽ محمد آصف تان پابندي ختم، هڪ تي ٻه سال ۽ ٻئي تي هڪ سال پابندي لڳائي وئي هئي
- پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڪجهه ٿيو ته اسان به چوڙيون ناهن پاتيون، الطاف حسين
- ناسا چنڊ تي خلا جي کوجنا لاءِ مستقل بيس جو رٿي ڇڏيو، 2024ع ۾ انسان رهي سگهندا
- بم ڌماڪي ۾ 16 عراقي مارجي ويا، ٻئي طرف هڪ آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويو
- ڌماڪيدار مواد رکندي انٽيليجينس بيورو جو ملازم گرفتار ٿيو آهي، اڪرم دراني
- پاڪستان ۾ ايندڙ اليڪشن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ ٿيندي، صدر جنرل پرويز مشرف
- متحده قومي مومينٽ پاران ڀارت جي ريلوي وزير لالو پرساد يادو کي پاڪستان اچڻ جي دعوت
- جميعت علماء اسلام پاران استعيفائن وارو فيصلو ملتوي، احتجاجي رستو پنهنجائڻ جو اعلان
- افغانستان ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ ٻه آمريڪي ۽ چار افغاني مارجي ويا
- ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي کي قانوني تحفظ ڏيڻ واسطي ڪانگريسي متفق
- سرحد ۾ هڪ بس جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چار فوجين سميت ويهه ماڻهو فوت
- آمريڪي فوج پاران ويهه ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا، نيوز ايجنسي رائٽر مطابق مارجي ويلن ۾ ڇهه ٻار ۽ چار عورتون پڻ شامل هيون
- قصوري جي افغانستان پهچندي ئي طالبان جو خودڪش حملو، ٻه شهري مارجي ويا
- پاڪستان مان ٿيندڙ دراندازي مان ڦاسي ويا آهيون، ڪارزئي جي قصوري سان ملاقات
- بنگلاديش ۾ ايندڙ چونڊن ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ ڍاڪه سميت مختلف شهرن ۾ فوج پهچي وئي
- نيٽو، آمريڪي فوجن ۽ پاڪستان مان ايندڙ دهشتگردن کان اسان جا معصوم ٻار به محفوظ نه آهن، حامد ڪارزئي
- ڪراچي ڀرسان ٻن ٽرڪن جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت، 11 زخمي
- قومي ڪارڪنن جي پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي هڪ سازش آهي، سڄاڻ ڌريون
- پاڪستان هن سال 500 طالبان کي گرفتار ڪري افغانستان کي ڏنو، پرڏيهي وزارت
- بمبئي ڌماڪا گجرات وارن فسادن جو پلاند هو، بمبئي ڌماڪن جي الزم هيٺ گرفتار همراه جي دعوا
- گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جو مظاهرو
- پاڪستاني فوجي جنرل ملڪ کي تباه ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ سربراه نواز شريف
- پاڪستاني سپريم ڪورٽ سرحد اسيمبلي طرفان پاس ڪيل حسبه بل کي لاڳو ٿيڻ کان روڪي ورتو
- پاڪستان طرفان اتر وزيرستان ۾ ڪيل امن معاهدي کان پوءِ طالبان مسئلو انتهائي وڌي ويو آهي، آمريڪي انٽيليجينس
- پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب دوران باه لڳڻ جي واقعي سبب ڪنوار سميت 18 ماڻهو فوت
- ڪراچي ۾ پٺاڻن واري هڙتال دوران فسادن ٻه ماڻهو مارجي ويا، 10 ڄڻا زخمي
- ”محمد جي باري ۾ سچ“ نالي ڪتاب تي پاڪستان ۾ پابندي، ڪتاب کي پرکيو ئي نه ويو آهي، ڪتاب جو ليکڪ
- عراق ۾ بغداد جي مختلف علائقن مان 76 لاش لڌا ويا، لاشن جي اکين تي پٽيون ٻڌيل هيون
- آل پارٽيز ڪانفرنس طرفان 10 جنوري تي ٻيٽن جي وڪري خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان
- نيٽو فوج افغانستان ۾ 50 شڪي طالبان کي ماري ڇڏيو، واقعو ڏکڻ افغانستان ۾ ٿيو
- هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي هارائي ڇڏيو
- پاڪستاني پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان خوفناڪ بس حادثو، چوڏنهن مسافر فوت