پ پ ڪمشنريٽ نظام جي بحالي تان ڦري وئي

پ پ ڪمشنريٽ نظام جي بحالي واري واعدي تان ڦري وئي...رپورٽ: زبير زرار منگي..

سنڌ جي قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير اياز سومرو ڪمشنري نظام جي بحاليءَ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ واري پنهنجي موقف تان ڦري ويو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ڪمشنري نظام جي بحالي بابت اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو. ڪراچي ۾ حڪومتي اتحاد جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اياز سومرو، آغا سراج دراني، فيصل سبزواري، سردار احمد، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ پوليس جي جاچ ۽ آپريشن وارن شعبن کي گڏائڻ، جانورن ۽ پکين جي غيرقانوني شڪار کي روڪڻ ۽ سرڪاري زمينن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ قانون سازي بابت ويچاريو ويو. صوبائي وزير اياز سومري ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته اجلاس ۾ 5 نقطن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ انهن تي اتفاق ٿيڻ بعد بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. هوڏانهن جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ صوبائي وزير چيو آهي ته هن ڪمشنري نظام جي خاتمي جي ڳالهه ناهي ڪئي.