پاڪستان جو وجود سنڌ لاءِ زهرِ قاتل آهي، پاڪستان جو مطلب پنجابستان آهي

Cautionهن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


پاڪستان جو وجود سنڌ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو آهي، سائين جي ايم سيد جيڪو ڪجهه پنهنجي ڪتابن ۾ چئي ويو آهي اهو سڀ اڄوڪين حالتن ۾ سچ ثابت ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار نوشهرو فيروز ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن ڪيو.

خطاب ۾ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته روز سنڌ سان نئين ويساهه گهاتي ڪئي وڃي ٿي ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ هاڻ وري سنڌ جا ٻيٽ پرڏيهي ڪوٺيءَ حوالي ڪيا پيا وڃن. جڏهن کان هن ملڪ جو بنياد پيو آهي ت0ھن کان سنڌ سان نه ختم ٿيندڙ زيادتيون شروع ڪيون ويون آهن.

جسقم اڳواڻن چيو ته پاڪستان جو مطلب اصل ۾ پنجابستان آهي، پنجاب سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ٿو جنهنڪري سنڌ جي وزيرن توڙي مشيرن وٽ ڪي به اختيار نه آهن سنڌ جي قسمت جا فيصلا مٿان صادر ڪيا وڃن ٿا.