پاڪستاني صوبي سرحد ۾ پنج اڻ ڄاتل هٿياربندن پاران مشهور حڪيم قتل

21 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي صوبي سرحد جي قبائلي علائقي جنڊولا ۾ پنج اڻ ڄاتل هٿياربندن اتان جي مشهور مقامي حڪيم کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. حڪيم جي قتل بند نقاب پوش هٿياربند فرار ٿي ويا.

پوليس ذريعن مطابق مذڪوره نقاب پوش ڏکڻ وزيرستان طرف فرار ٿي ويا. مقامي حڪيم جو تعلق شيعا فرقي سان ٻڌايو ويو آهي.

شاهدن مطابق حڪيم کي مٿي ۽ سيني ۾ ڪيتريون ئي گوليون هنيون ويون. واقعي وارو هنڌ فوجي ملڪيت ٻڌايو ويو آهي، انتظاميه قتل ٿيڻ کان پوِءِ ڪي به اُپاءَ نه ورتا آهن.

ذريعا