نثار کهڙو پ پ ٽڪيٽ لاءِ بينظير ڀٽو ۽ آصف جا جوتا چٽيندو آهي: ارباب رحيم

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته جلد اهو وقت اچي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ نه ئي ڪو ماڻهو پ پ جو ٽڪيٽ وٺندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته نثار کهڙي جهڙا ماڻهو جنهن جو ڪو تڪ ناهي ۽ ان جهڙا ٻيا ماڻهو پ پ کان ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جا جوتا چٽڻ کانسواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا پر اسين پ پ کان 1997ع ۾ سندن ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري آزاد حيثيت ۾ اليڪشن کٽي هئي.

وڏي وزير چيو ته زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو غلطي ڪري بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي ڳالهين ۾ اچي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، جنهن جو اسان کي وڏو نقصان به برداشت ڪرڻو پيو پر جلد ئي سندن ڪرتوت ڏسي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ 1993ع ۾ سندن اقتدار دوران اسان پيپلز پارٽي کي خيرآباد چئي سندن سياسي مخالفت شروع ڪري ڏني هئي.

وڏي وزير چيو ته 1997ع اليڪشن کان اڳ بينظير ڀٽو پاڻ مون کي فون ڪري چيو ته اوهان منهنجي گهر اچو، بلاول هائوس پهتس ته ملاقات ۾ بينظير ڀٽو چيو ته ارباب صاحب اوهان اسان کان ڇو ناراض آهيو ته مان کين ٻڌايو ته اسان سان وڏيون زيادتيون ڪيون ويون ۽ اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ اسان جي دوستن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. جنهن تي بينظير ڀٽو چيو ته ڪهڙن ماڻهن اوهان سان زيادتيون ڪيون آهن ته مان کين جواب ڏنو ته اوهان پاڻ اسان سان زيادتيون ڪيون آهن. جنهن تي بينظير ڀٽو چيو ته مان اوهان جي دوست کان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان ۽ هو پاڻ اٿي ڪري منهنجي بزرگ ساٿي قاضي سليمان وٽ آئي ۽ سندس اڇي ڏاڙهي ڏسي ان کي چيائين ته بابا مان اوهان کان معافي گهران ٿي.

وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي وارن جي اها خاصيت آهي ته هو اقتدار ۾ هوندا آهن ته ماڻهن جي خوشامند ڪندا آهن ۽ اقتدار ۾ نه هوندا آهن ته سندن رويو ٻيو هوندو آهي. وڏي وزير چيو ته بعد ۾ 1997 جي چونڊن ۾ اسان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ جي آڇ کي ٺڪرائي الله جي مدد ۽ عوام جي تعاون سان آزاداڻي طور تي چونڊن ۾ حصو وٺي هڪ نه پر ڪيترين ئي سيٽن تي ڪامياب ٿياسين. ان ڪري اسان کي ڪڏهن به پيپلز پارٽي کان ٽڪيٽ گهرڻ جي ضرورت نه پئي.