نئين ليکڪه ڪرن ڊيسائي بُڪر پرائيز ماڻي ورتو، ايوارڊ ناول تي مليو

انڊيا جي ليکڪه ڪرن ڊيسائي برطانيه جو سڀ کان وڏو ادبي انعام ”بُڪر پرائز“ ماڻي ورتو آهي. اهو ايوارڊ سندس ناول ”دَ انهريٽينس آف لاس“ تي مليو.

فائل:Kiran desai.jpg
ڪرن ڊيسائي

ڪرن ڊيسائي سڀ کان ننڍي عمر يعني صرف 35 سالن ۾ اهو انعام ماڻيو. ڇهه منصفن وچ ۾ مقابلو هو. ڪرن ڊيسائي انڊيا سان واسطو رکندڙ ٻي ليکڪه آهي جنهن اهو ادبي انعام ماڻيو آهي. ان کان اڳ اهو ايوارڊ مشهور ليکڪه ارون ڌتي راءِ ماڻي چڪي آهي.

پنجاه هزار پائونڊ واري ان ادبي انعام لاءِ ساره واٽرز کي پسنديده قرار ڏنو پئي ويو. مذڪوره ناول هڪ رٽائرڊ جج جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي جيڪو پنهنجي پوٽي ۽ هڪ نوڪر سان گڏ هماليه ۾ رهي ٿو.

ياد رهي ته ڪرن ڊيسائي مشهور ليکڪه انيتا ڊيسائي جي ڌيء آهي جنهن کي پڻ ٽي ڀيرا ان انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر هوءَ انعام نه ماڻي سگهي هئي.

ذريعا