مسلمان ملڪن عراق، افغانستان، فلسطين ۽ لبنان خلاف آمريڪي جارحيت جاري آهي، غنوا ڀٽو

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


پ پ ش ڀ جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته بيروزگاري، بدامني ۽ناانصافي مان ڇوٽڪاري لاءِ جمهوري حڪومت ضروري آهي.

شهيد شاهنواز ڀٽو جي 48 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته مسلمان ملڪن عراق، افغانستان، فلسطين ۽ لبنان خلاف آمريڪي جارحيت جاري آهي. عوام کي ڀرپور مزاحمت ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته شهيد شاهنواز نوجواني ۾ ضياءَ آمريت خلاف ويڙهه ڪري عملي جدوجهد جو ثٻوت ڏنو. هن چيو ته اڄ جو نوجوان به شهيد شاهنواز جي رستي تي هلي مثال قائم ڪري.