غير ملڪي فوجون افغانستان مان نڪري وڃن، مُلا عمر

22 آڪٽوبر 2006

طالبان اڳواڻ مُلا عمر چيو آهي ته افغانستان مان غير ملڪي فوجن کي نڪري وڃڻ کپي، هن طالبان کي چيو آهي ته ڪاروائيون تيز ڪيون وڃن.

طالبان اڳواڻ عيد جي خاص پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته الله جي رحم سان ويڙهه وڏيڪ منظم ٿيندي. هن مسلمان ملڪن کي خبردار ڪيو ته آمريڪا جو ساٿ نه ڏين.

ياد رهي ته آمريڪا ۾ ٿيل 11 سيپٽمبر 2001ع واري حملي کان پوءِ مُلا عمر روپوش آهي ۽ هن اسامه بن لادن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ذريعا