عورتن جي پردي جي حوالي سان آسٽريليا ۾ به تنازعو شروع

26 آڪٽوبر 2006

عورتن جي پردي ڪرڻ جي حوالي سان آسٽريليا ۾ پڻ تنازعو شروع ٿي ويو آهي، اهو تنازعو ان وقت شروع ٿيو جڏهن هڪ مسلمان عالم پنهنجي خطبي ۾ اهو ڄاڻايو ته جيڪا عورت پردو نٿي ڪري اها جنسي زيادتي جي پاڻ ذميوار آهي.

اهڙي خبر آسٽريليا جي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ اتي نئون تنازعو شروع ٿي ويو آهي. مسلم عالم خطبي ۾ چيو هو ته جيڪڏهن کليل گوشت رکي ڇڏبو ۽ ٻلي اچي گوشت کائيندي ته ان جي ذميوار ٻلي نه پر گوشت محفوظ نه ڪرڻ وارو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ ۾ پڻ عورتن جي پردي جي حوالي سان تنازعا جنم وٺندا رهيا آهن.

ذريعا