شاهه لطيف جي شاعري

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ

پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ

سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!


سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڌار

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

  • نامعلوم لکندڙ

هلندي هوت پنهونءَ ڏي - کهجن ڪي کوٽيون

پهڻ تن پب ٿئي، جي لئي لالڻ لوٽيون

ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کائين ڪيچ جا!


جتا شال جيئو - جيئو ۽ جاڙون ڪريو

ٻانڀڻ عشق ٻروچ ريءَ - ٻيلي ناهه ٻيو

ڇنڻ تان نه پيو - هي سنڱ نه ڇنڻ جهڙو!


دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهه وکر جا

وير وڙهند ۽ ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا

هيءَ ننڊ نه ڄاڻان، ڪڏهن هڻندئي ڪن ۾!

منٺار سومرو 08:16, 14 آڪٽوبر 2006 (UTC)


شاه عبداللطيف سنڌي شاعرن جو سرتاج شاعر آهي

سندس شاهڪار شعر آهي:

جنين ڏاند نه ٻج، تنين پڻ تنهنجو آسرو

پوءِ اُڀارين سج، اول ڏين انهن کي.

آفاق حيدر 21:59, 21 آڪٽوبر 2006 (UTC)

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي

ته شاه عبداللطيف سنڌيءَ جو واقعي به سرتاج شاعر آهي. لطيف جي ٻولي ئي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ جي ضمانت آهي.

شاه صاحب جا ڪجهه شعر عرض آهن:

جوري واري جوءِ ويندو راڄ ورائيو،

سڙي لامان پوءِ ڪم جو مورو موريو.

-

سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،

مون تو ڪارڻ ڪانڌ سهسين سکائون ڪيون.

-

سر لوهيڙا ڳڀيا ڪسر نسريا،

تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا؟

-

پره ڦٽي، رات گئي، جهيڻا ٿيا نکٽ،

هاري، ويءِ وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

-

نڪو سک نکٽين، نه ويساند نئين،

جيڪا اچئي سامهون، پائين سا سئين،

موڙي ڪوه مئين؟ جيئن سڄيون راتيون سمهين؟

Azazsindhu 10:04, 3 نومبر 2006 (UTC)

منهنجو پسنديده شاعر شاه صاحب آهي

شاه صاحب منهنجي پسند جو شاعر آهي، سندس رسالو اسان سنڌين لاءِ قرآن جي حيثيت رکي ٿو. هن جو هڪ شعر تڪڙ ۾ هتي لکان ٿو:

لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار،

منجهان نينهن نهار، وون پٺيرو پرينءَ ڏي.

  • Iffi 21:18, 18 نومبر 2006 (UTC)