سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن پاران عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

Cautionهن خبر ۾ ذريعا يا حوالا ڏنل نه آهن ان ڪري هن خبر کي تڪراري شمار ڪجي ٿو، حوالا ڏئي هن نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


سنڌ جي سياسي اڳواڻن، سماج سڌارڪ، اديبن، دانشورن ۽ ٽيڪنوڪريٽن ميگا پروجيڪٽن ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي ۽ سنڌ ڪوسٽل اينڊ انلينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽن کي رد ڪندي عيد کانپوءِ سول نافرماني واري تحريڪ لاءِ راهه هموار ڪرڻ انهن منصوبن خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ نيشنل الائنس ۽ قومي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو، اهڙو فيصلو ڪالهه پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ميگا پروجيڪٽن جا اثر ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ڪردار بابت گهرايل قومي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو.

قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بزرگ دانشور محمد ابراهيم جويو چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهائي وڏو ظلم ڪيو ويو ۽ ان وقت جي دور انديش قيادت نه هجڻ سبب اهو فيصلو ٿيو. هن چيو ته هر ترقي وارو منصوبو غربت ۾ اضافو ڪري ٿو. ترقي اها آهي، جيڪا عوام پاڻ طلب ڪري زوري مڙهيل ترقي تباهي جي برابر آهي. ايم پي اي سسئي پليجو چيو ته ورلڊ بئنڪ ايل بي او ڊي جي تباهي جي متاثر ماڻهن کي معاوضو ڀري ڏئي.

اڳوڻي سيڪريٽري ادريس راجپوت چيو ته مالياتي ادارا وياج خور آهن ورلڊ بئنڪ ايل بي او ڊي جي رٿا کي ناڪام تسليم ڪيو آهي. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم اسان کي قبول نه آهي. ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي رٿا سميت سمورا ميگا پروجيڪٽ سنڌي عوام جي خلاف آهن. فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي ڊائريڪٽر حاجي شفيع محمد ڄاموٽ چيو ته ميگا پروجيڪٽن جي نالي تي اسان مٿان قرض مڙهيا ويا آهن.

ڪراچي: ميگا پروجيڪٽن جا اثر ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ڪردار بابت پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران گهرايل قومي ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان هيٺيان ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. عالمي مالياتي ادارن جي مالي سهڪار سان پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جڙندڙ وڏين رٿائن ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي ۽ سنڌ ڪوسٽل اينڊ انلينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽن، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ سامونڊي پٽين کي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڏنگي بنڊاڙ ٻيٽن کي نيشنل پارڪ طور پڌرو ڪرڻ، ڪوٽڙي کان هيٺ 53 هزار چورس ايڪڙ ڪلوميٽرن تي ٻڌل انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه هجڻ سبب 27 لک ماڻهو معاشي بدحالي جي ور چڙهيل آهن.