سرحد جو صوبائي وزير قتل جي مقدمي ۾ گرفتار، ڪرائم برانچ پشاور حوالي

سرحد جي حڪمران جماعت متحده مجلس عمل جي اڳواڻ ۽ سرحد جي صوبائي وزير عنايت الله خان ۽ سندس ڀاءَ کي عدالتي حڪم تحت قتل جي هڪ مقدمي ۾ گرفتار ڪري ڪرائم برانچ پشاور حوالي ڪيو ويو آهي.

اربع ڏينهن ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان دليل ٻڌڻ بعد عدالت اهڙو حڪم جاري ڪيو ۽ ضمانت جي درخواست رد ڪئي. اهي ٻئي عدالت ۾ موجود هئا سندن گرفتاري اتان ئي عمل ۾ آئي.

ياد رهي ته نوشهره ۾ سوشل سيڪيورٽي آفيسر جهانزيب خان کي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ مقتول جي پٽ، عنايت الله خان ۽ سندس ڀاءِ خلاف رپورٽ درج ڪرائي هئي.

ذريعا