زلزلي متاثرين لاءِ ايندڙ فنڊ انتهاپسند تنظيمن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، بي بي سي

بي بي سي پنهنجي هڪ شايع ٿيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته زلزي متاثرين لاءِ آيل فنڊ ڪجهه انتهاپسند تنظيمن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ تنظيم نالي الرشيد ٽرسٽ جنهن تي آمريڪي سيڪيورٽي ڪائونسل بندش جو اعلان ڪيو آهي اها پڻ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهي.

ياد رهي ته اها تنظيم پاڪستان جي پنهنجي واچ لسٽ ۾ پڻ شامل آهي. جڏهن ته زلزي متاثر علائقن ۾ موجود آمريڪي پڻ ان تنظيم سميت ٻين اهڙين تنظيمن جهڙوڪ جماعت الدعوا وغيره سان گڏ اتي واهر لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن.

ذريعا