دنيا جي ايڪٽيهه سيڪڙو آبادي دهشتگردن تي تشدد جي حامي، هڪ سروي رپورٽ

بي بي سي طرفان ڪيل هڪ سروي مطابق دنيا جي ايڪٽيهه سيڪڙو آبادي جيلن ۾ قيد دهشتگردن تي تشدد جي حامي آهي. اهڙو سروي پنجويهه ملڪن ۾ ڪيو ويو جن جنيوا ڪنونشن ۾ صحيحون ڪيو هيون ته قيدين تي تشدد نٿو ڪري سگهجي.

اهڙي راءِ ستاويهه هزار ماڻهن کان ورتي وئي جن مان اُڻهٺ سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي ته قيدين تي تشدد نه ڪيو وڃي.

آمريڪا جي اٺانوي سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي ته دهشتگردن خلاف ڪاروائي ۾ پڻ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي.

ذريعا