خوراڪ جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ

خوراڪ جو عالمي ڏينهن ۽ سنڏ ۾ غربت..رپورٽ: زبير زرار منگي..

خوراڪ جو عالمي ڏينهن............... زبير زرار منگي اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏينهن کي ملهائڻ جو سلسلو 1945کان ايف اي او جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جنهن جو مقصد دنيا ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي بحران تي ضابطو آڻڻ آهي. دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ گهٽتائي جو مکيه ڪارڻ معاشي مسئلن جو جنم وٺڻ آهي ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ لکين خاندانن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن سبب عام ماڻهولاءِ 2 ويلا ماني به تمام وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ سال دوران ڪڻڪ جي اگهه ۾ ٻيڻ تي ۽ چانورن جي اگهه ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي آهي، چانور دنيا جي 3 ارب آبادي جي بنيادي خوراڪ آهي ۽ اڪثر غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ چانور جو تمام گهڻو استعمال ٿيدو آهي جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ گهٽ آمدني وارو طبقو سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن ته تيل جي اگهه ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي شهري آبادي ۾ ڪڻڪ جو تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو ۽ ڪڻڪ جي اٽي جي کوٽ ۽ وڌندڙ اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ موجوده اتحادي حڪومت في مڻ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ساڍا 9 سئو مقرر ڪئي پر تنهن هوندي به حڪومت اٽي جي بحران تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي ۽ اڄ به هزارين خاندان کاڌ خوراڪ کان محروم آهن ۽ اڄ به يوٽيلٽي اسٽورن تي وڏيون قطارون لڳل آهن ۽ لاتعداد ماڻهو اٽي کان محروم ٿي خالي هٿين گهرن ڏانهن موٽن ٿا پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ، انتهاپسندي ۽ معاشي بحران سبب نئين جوڙيل حڪومت پڻ سخت پريشاني جو شڪار آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ته پاڪستان لاءِ اڳ ئي مسئلو بڻيل هئي پر خوراڪ جي کوٽ ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن ڏانهن مدد لاءِ وانجهائي رهيو آهي پر عالمي طور تي معاشي بحران جو شڪار دنيا پاڪستان ۾ پيدا ٿيل معاشي توڙي غذائي بحران کي حل ڪرڻ کان قاصرنظر اچي رهي آهي.

         گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاڪستان ۾ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي جي شڪار ماڻهن جو انگ 4 ڪروڙ کان وڌي 7 ڪروڙ 7 لک تي پهچي ويو آهي، جيڪو آبادي جو اڌ حصو آهي، جڏهن ته عالمي بينڪ پاڪستان کي انهن 36 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي جتي خوراڪ جي شديد بحران جو خطرو موجود آهي. 
          گڏيل قومن جي رپورٽ موجب نامناسب ۽ غير معياري خوراڪ واپرائڻ سبب اڄ به لکين عورتون ۽ ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته اڄ به دنيا ۾ 850 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن

خوراڪ جي بحران بابت هلندڙ سال جون ۾ پئرس جي شهر روم ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو ويو ته گذريل 30 سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال کاڌي پيتي جي شين ۾ وڌيڪ واڌ آئي آهي، جنهن سبب دنيا جا وڌيڪ 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي گهرائين ۾ ڌڪجي رهيا آهن. هاڻي ضروت ان ڳالهه جي آهي ته گڏيل قومن ۽ ترقي يافتا ملڪن کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي وڌندڙ اگهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي جاکوڙڻو پوندو ته جيئن غربت، بک ۽ بدحالي جو خاتمو آڻي ڪروڙين قيمتي جانيون ضايح ٿيڻ کان بچائي سگهجن.