جيستائين پاڪستان دهشتگردي کي همٿائڻ بند نه ڪري ان سان رابطه نه وڌايا وڃن، راجناٿ سنگهه

ڀارتيه جنتا پارٽي جي صدر راجناٿ سنگهه چيو آهي ته جيستائين پاڪستان، انڊيا خلاف دهشتگردي کي همٿائڻ بند نه ڪري ان وقت تائين ان سان رابطا نه وڌايا وڃن.

هن چيو ته واجپائي گورنمينٽ دنيا کي اهو ٻڌائڻ ۾ ڪامياب رهي هئي ته پاڪستان دهشتگردي جي حمايت ڪري رهيو آهي. راجناٿ چيو ته جيستائين اسلام آباد پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي ان وقت تائين پاڪستان سان سي بي ايم ڳالهيون ملتوي ڪيون وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪارگل اصل ۾ پاڪستان جي هار ۽ انڊيا جي فتح هئي. هن ان ڳالهه کي رد ڪيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگرديءَ جو ستايل آهي.

ذريعا