بي نظير ۽ نواز شريف سان اليڪشن کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون، دراني
28 آڪٽوبر 2006
پاڪستان جي وفاقي وزير اطلاعات محمد علي دراني چيو آهي ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف سان چونڊن کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون.
جده ۾ پاڪستان جرنلسٽ فورم سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي ايجنڊا ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي ته ماڻهو خوشحال ٿين ۽ جمهوري عمل مضبوط ٿيندو رهي.