بلوچستان جي علائقي چاغي مان دنيا جو پنجون نمبر وڏو سون جو ذخيرو دريافت

بلوچستان جي علائقي چاغي مان دنيا جو پنجون نمبر وڏو سون جو ذخيرو دريافت ٿيو آهي. سرڪاري ذريعن مطابق ٻن فرمن ڪينيڊا ۽ چلي کي ڏهه سال اڳ سون جي ذخيرن جي تلاش لاءِ لائسنس جاري ڪيو ويو هو.

سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته شروعاتي طور ٻه ڪمپنيون هڪ بلين آمريڪي ڊالرن جي رقم سيڙائنديون. علائقي مان ٻه لک ٽن ڪاپر ۽ چار لک آئونس سون جي سالياني پيداوار ٿيندي.

چيو ويو آهي ته بلوچستان کي 25 سيڪڙو حصيداري ڏني ويندي. شروعاتي طور صوبي جي ٽي هزار ماڻهن کي روزگار مهيا ڪيو ويندو.

مخالف ڌرين الزام لڳايو آهي ته بلوچستان جي ٻين قدرتي وسيلن جيان هاڻي هن نئين پروجيڪٽ ذريعي ڦرلٽ کي جاري رکيو ويندو.

ذريعا