آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ حڪمت عملي بابت ڳالهين جو ٻيو دور شروع، ڳالهيون ٻه ڏينهن جاري رهنديون
(آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ کان شروع ٿيندو کان ريڊائريڪٽ)
6 نومبر 2006
آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي بابت ڳالهين جو ٻيو دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻن ڏينهن لاءِ اهي ڳالهيون پرڏيهي سيڪريٽري رياض احمد خان جي صدارت هيٺ ٿينديون.
ان گڌجاڻي ۾ انڊر سيڪريٽري اسٽيٽ رچرڊ بائوچر ۽ ٻيا اهم عهديدار پڻ شريڪ ٿيندا. انهن ڳالهين جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات ۽ حڪمت عملي بابت بحث هوندو. ياد رهي ته ڳالهين جو پهريون دور هن سال اپريل ۾ واشنگٽن ۾ ٿيو هو.