آسٽريليا آساني سان ڀارت جو ڏنل ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو

29 آڪٽوبر 2006

آءِ سي سي ٽرافي جي هڪ اهم پول ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت طرفان ڏنل رنسن جو ٽارگيٽ آساني سان پورو ڪري سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، سيمي فائنل ۾ سندس مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو.

ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ آسٽريليا کي 250 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو آسٽريليا آساني سان پورو ڪري ورتو.

ان ميچ ۾ هارائڻ کان پوءِ ڀارت ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ياد رهي ته سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمن ۾ هاڻ ڪابه ايشيائي ٽيم شامل نه هوندي.

ذريعا