قومي اسيمبلي بلڊنگ اسلام آباد ڀرسان ٻه راڪيٽ پڪڙيا ويا

پاڪستان جي قومي اسيمبلي بلڊنگ ڀرسان بم ڊسپوزل عملي ٻن راڪيٽن کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو جيڪي اسيمبلي طرف سيٽ ڪيل هئا ۽ انهن کي موبائل فونن سان ڳنڍيو ويو هو.

فائل:Pakistan Rocket.jpg
اسلام آباد مان ٻه راڪيٽ لڌا ويا

خميس ڏينهن صبح جو انهن راڪيٽن کي ناڪاره بڻايو ويو. سرڪاري ذريعن مطابق راڪيٽ تباهي مچائيندڙ نه هئا پر شايد اهي هراس ۽ خوف پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ها. وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن جي باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ذريعا